ڏهرڪي ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪيو اي ٽي جي سڏ تي مظاهرو

ڏھرڪي ( ن ع آ )  قومي عوامي تحريڪ پاران ڏھرڪي شهر ۾ سنڌو درياھ مان 6 غيرقانوني نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، لطف ميان شر، ارصلاح بھلڪاڻي، محبت سميجو، فدا محمداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي ھوٽل کان پريس ڪلب ڏھرڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به درياھه وڪرو ٿيڻ نه ڏيندا. چولستان ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھه ھرگز قبول ناھن. سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿيڻ نه ڏنو ويندو. سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھه ۽ وسيلن لاءِ ھڪ آواز آھن. سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. مظھر راھوجي چيو ته سنڌ جي لٽيل دولت مان ڪرپٽ حڪمرانن ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجا محل جوڙي ڇڏيا آھن. پيپلزپارٽي جي ايم پي اي، ايم اين ايز ،سينيٽرز ۽ ڪرپٽ وزيرن ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجون ملڪيتون ۽ ڪاروبار قائم ڪري ڇڏيا آھن.  چور، نااھل ۽ ڪرپٽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ  کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين سميت ھر شئي وڪرو ڪئي وئي آھي. سنڌ جو درياھ، زمينون ۽ وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.