حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪجهھ سالن کان سنڌ ۾ ڏڪار ھجڻ بابت وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھه جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آھي ته پ پ حڪومت جي نااهلي ۽ اقتدار خاطر سوديبازي جي ڪري سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ انصاف نه پيو ڪيو وڃي. سنڌ کي ھٿرادو پاڻي کوٽ جو نشانو بنايو پيو وڃي. تونسا ۽ چشما ڪئنال ذريعي زبردستي 12 مھينا پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. ٿل ڪئنال ۽ ٻين ڌاڙيل منصوبن ذريعي سنڌو درياهھ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. جيڪو پاڻي سنڌ کي ملي ٿو اھو مخالفن خلاف ھٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪرپٽ وزير پنھنجي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ غير قانوني نموني پاڻي کڻي وڃن ٿا. ملندڙ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نٿي ٿئي. جنھنڪري سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جنھنڪري سنڌ ۾ لکين ماڻھو رستن تي احتجاج ڪري رھيا آھن.