شڪارپور ويجهو گوليون لڳل لاش هٿ،وارثن پاران احتجاجي مظاهرو

شڪارپور ( رپورٽ: ذوالفقار مگسي ) شڪارپور ڀرسان لوڊرا ٿاڻي جي حد سوئي گئس ڪالوني جي پويان هڪ شخص جي گوليون لڳل  لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو جتي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي شڪارپور سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو جتي سندس سڃاڻپ آباد ڳوٺ واسي 52 ورهين جي گلبهار پٽ مير هزار خان جکراڻي طور ڪئي وئي، جنهن جا وارث اسپتال پهتا جتان سندس وارث پوسٽ مارٽم بعد لاش وصول ڪيو مقتول گلبهار جکراڻي جو لاش ايمبولنس ۾ کڻائي سندس وارث لوڊرا ٿاڻي تي پهتا جتي وارثن گلزار جکراڻي،  غلام نبي جکراڻي، محمد علي جکراڻي ۽ ٻين لاش رکي احتجاج ڪيو جتي مقتول جي وارثن ايس ايس پي شڪارپور کان قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو .مقتول جي وارثن پوليس کي ٻڌايو ته اسان جي همراهه کي بروهي برادري جي ماڻهن پئسن جي ڏيتي جي مسئلي تان دوکي سان گهرائي قتل ڪري لاش زمين تي ڦٽو ڪري ويا آهن،  لوڊرا پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.