ميرپور ماٿيلو ڀرسان زمين جي مالڪي تان نوجوان قتل

ميرپورماٿيلو/جروار (نمائندن وٽان ) ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ سونا حيدراڻي ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار تان جوابدارن گوليون هڻي حسين بخش حيدراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي ميرپورماٿيلو پوليس پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو مقتول حسين بخش حيدراڻي جي پٽ علي احمد حيدراڻي ٻڌايو ته منهنجو والد گهر ٻاهران بيٺل هو ته زمين جي مسئلي تان جوابدارن دليل حيدراڻي ۽ ٻين فائرنگ ڪري منهنجي والد کي قتل ڪري فرار ٿي ويا هوڏ آهن واقعي بعد ميرپورماٿيلو پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.