ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگھھ سوڍو سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن (ايس ايچ آر سي) جي آفيس جو دورو ڪيو. دوري جي دوران خاص مددگار راجوير سنگهه چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو، جوڊيشل ميمبر ارشد نور خان، ۽ ڪميشن جي عملي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو چيو ته دوري جو مقصد ڪميشن جي ڪارڪردگي ۽ سنڌ ۾ انساني حقن جي واڌ ويجھ ۽ تحفظ بابت درپيش چئلينجن کي سمجهڻ آهي. چيئرمين ڪميشن اقبال ڏيٿو سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگھھ سوڍو کي سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي اختيارن، ڪم، ۽ مينڊيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ صوبائي سطح تي انساني حقن جي تحفظ ۾ ڪميشن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ، مختلف معاملن تي غور ويچار
ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي پي شڪايتي سيل (سي ايم ايس) جي ڪارڪردگي، شڪايتن جي ازالي ۽ سڌارن بابت گڏيل مشاورت ۽ تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جيز، هيڊڪوارٽرز، آءِ ٽي، اي آءِ جيز، ايڊمن، شڪايتي سيل، آپريشنز ۽ پي ڊي آءِ ٽي شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته ڪيس داخل نه ٿيڻ بابت عوامي شڪايتن تي شڪايتي سيل نه رڳو لاڳاپيل ايس ايس پي کان وضاحت طلب ڪندو پر لاڳاپيل ايس ايس پي عوامي شڪايتن تي پوليس پاران ڪيس داخل نه ٿيڻ جا سبب پڻ معلوم ڪندو. ذميوارن جو تعين به هو سڀ تفصيل شڪايت سيل ڏانهن موڪليندو. هن چيو ته ٺوس ثبوتن کي نظرانداز ڪرڻ، چوري ڪرڻ، دير ڪرڻ وارا حربا استعمال ڪرڻ، جوابدار کي تنگ ڪرڻ ۽ عدم تعاون جي صورت ۾ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز ۽ ايس اي اوز خلاف پوليس ضابطن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ان کان علاوه شڪايت سيل به پوليس ملازمن جون شڪايتون ٻڌي انهن کي حل ڪري رپورٽ پيش ڪندو.
مڪيش ڪمار چاولا ايڪسائيز کاتي ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي ڇڏي
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي وزير مڪيش ڪمار چاولا کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس ٽارگيٽ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي ۽ سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کي هدايت ڪئي آهي ته سمورين مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي وڃي. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سمورن لاڳاپيل عملدارن ۽ آفيسرن کي آفيسن ۽ چيڪ پوسٽن تي يونيفارم ۾ رهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته کاتي جي آفيسرن ۽ عملي جي غير حاضري قبول نه ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول محمد سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ اورنگزيب پنهور، ڊي جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن شبانه پرويز ۽ ٻيا آفيسر پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا کي سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن پاران هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين ٽيڪس وصولي ۽ هدفن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.