شڪارپور ۾استادن جون رشوت عيوض بدليون، چيف سيڪريٽري پاران تفصيل طلب

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي ) ضلعي شڪارپور ۾ استادن جي بهتر جاءِ تي بدلي لاءِ پئسا ورتا پيا وڃن، استادن پاران پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾  ڏورانهين علائقن ۾ بدلي ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ شڪارپور ضلعي جي ٽي اوز ۽ ڊي اوز بدلي ڪيل استادن جي لسٽ سيڪريٽري ايجوڪيشن کي موڪلڻ خلاف استاد تنظيم پاران چيف سيڪريٽري کي ڏنل درخواست  کانپوءِ  سيڪريٽري ايجوڪيشن۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڊائريڪٽر کان چيف سيڪريٽري تفصيل گھري ورتا، ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته شڪارپور ضلعي اندر استادن توڙي شاگردن جا انيڪ مسئلا آھن پر ضلعي اندر استادن جي بدلين ۽ مقررين تي ٽي اوز پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪيا آهن جيڪي استادن کان 50 ھزار کان  1لک تائين وٺي رهيا آھن،جن استادن پاران ڏيڻ جي صورت ۾ انھن ڏوراھين علائقن۽ قبيلائي تڪرارن وارن اسڪولن ڏانهن بدليون ڪري رهياآهن. ان سلسلي ۾ سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي مرڪزي چيئرمين عمران خان  جوڻيجو  چيف سيڪريٽري سنڌ سان گڏو گڏ  سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن حڪومت سنڌ  وٽ درخواست جمع ڪرائڻ کانپوءِ چيف سيڪريٽري سنڌ   سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن حڪومت سنڌ  سان گڏو گڏ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري شڪارپور کي حڪم نامون جاري ڪيو ويو ته جلد ايس ٽي آر تحت ٿيندڙ بدلين جي عيوض رشوت تي من پسند استادن جون بدلين لاءِ  نالا ڏيندڙن خلاف جاچ ڪري 7  ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪيو ھوڏانھن استاد تنظيم جي اڳواڻ عمران جوڻيجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيوته شڪارپور ضلعي ٽي اوز پاران ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن جنهن معرفت مرد ۽ عورت استادن  کي رشوت نه ڏيڻ تي قبيلائي تڪرارن وارن اسڪولن ڏانهن بدلي ڪرڻ لاءِ پروپوزل سيڪريٽري ايجوڪيشن کي موڪلڻ خلاف چيف سيڪريٽري ۽ وس وارن کي درخواست ڏني هئي جنهن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.