اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتجاج جي اوٽ ۾ سبزي فروش جي ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ تي اسلام آباد پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ۾ عام شهرين کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته ايف 10 مان سبزي فروش جي ڀاءُ کي احتجاج ڪيس ۾ گرفتار ڪري جڊيشل ڪيو ويو. جسٽس ارباب محمد طاهر پوليس جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ اهڙن ماڻهن کي کڻي گرفتار ڪري رهيا آهيو، اهو ته بلڪل غلط آهي، جيڪي احتجاج ۾ شريڪ ئي نه آهن، انهن کي ڪيئن کڻي سگهو ٿا؟ وڪيل رياست علي آزاد موقف اختيار ڪيو ته آءِ جي صاحب سياسي نعرا هڻڻ ۾ مصروف آهي ۽ جي 10 ۾ وڪيلن جي گاڏين جون بيٽريون چوري ٿي ويون. هن چيو ته پوليس جو ڪم ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ آهي، انسانيت جي تذليل ٿي رهي آهي، هي بلوچستان نه راڄڌاني اسلام آباد آهي. جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته هاڻي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي ان لاءِ اوهان کي محسوس ٿي رهيو آهي.