انڊر 19 ايشياڪپ ۾ پاڪستان جو سفر تمام، بنگلاديش فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

دبئي(ويب ڊيسڪ) انڊ 19 ايشيا ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ بنگلاديش، پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
دبئي ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
پهريان بيٽنگ جي دعوت پاڪستان لاءِ ڀوائتو خواب ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 37 هين اوور ۾ 116 رنسن تي ڍير ٿي ويئي، فرحان يوسف 32 ۽ محمد رياض الله 28 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي اقبال حسين چار وڪيٽون ورتيون.
بنگالي ٽائيگرز شاهينن جي 117 رنسن جو هدف 23 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
بنگلاديش طرفان ڪپتان عزيز الڪريم 61 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.