”صائم ايوب کي ضائع نه ڪيو“ شعيب ملڪ ميدان ۾ اچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ نوجوان ڪرڪيٽر صائم ايوب کي ٽيم جو لازمي حصو قرار ڏئي ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب ملڪ چيو ته صائم ايوب کي ضائع نه ڪرڻ گهرجي، هو اهڙو جارحاڻي مزاج وارو بيٽر آهي جنهن کي ٽنهي فارميٽس ۾ موقعو ملڻ گهرجي.
هن چيو ته اوپننگ ڪير به ڪري پر صائم ايوب ٽيم لازمي هئڻ گهرجي، هو ناڪام به ٿيندو پر کيس موقعو ڏيڻ گهرجي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته سڄي دنيا جون ٽيمون جديد ڪرڪيٽ کيڏي رهيون آهن، اسان کي انهن ٽيمن جي معيار تائين پاڪستان ٽيم کي پهچائڻو آهي.
شعيب ملڪ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هر ڪنڊيشنز جون پچز موجود آهن، علائقائي ڪرڪيٽ ملڪ جي هر وينيوز تي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.