انڊر 19 ايشيا ڪپ: ڀارت سريلنڪا کي هارائي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي

شارجا (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي آهي.
شارجا ۾ کيڏيل سيمي فائنل مقابلي ۾ سريلنڪن ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 179 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت گهربل هدف ويڀوَ سوريا ونشي جي 67 رنسن جي تيز اننگز جي مدد سان 22 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
ايونٽ جو فائنل آچر تي ڀارت ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ کيڏي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.