عمران خان بشريٰ بي بي کي احتجاج بابت ڪا هدايت نه ڏني:عليمه خان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته مائنس عمران خان جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر ائين بلڪل نه ٿيندو،هڪ ئي ليڊر آهي اهو باني آهي،وائيس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارٽي ۾ ڪو به اسان جي رابطي ۾ ناهي هوندو،جڏهن پارٽي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو ان ڏينهن سلمان اڪرم رجا عمران خان کي پيغام موڪلڻ جو چيو هو،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان  بشريٰ بي بي کي احتجاج بابت ڪا به هدايت نه ڏني هئي ڇو ته هوءَ ٻه هفتا پهرين کان بيماري سبب تاريخ تي نه اچي رهي هئي، هن مشال يوسفزئي جي ڊي چوڪ جي حوالي سان بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.