اسلام آباد ( پ ر ) پارلياماني رپورٽرز ايسوسي ايشن آف پاڪستان جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس جي صدر عثمان خان جي صدارت هيٺ ٿيو. سيڪريٽري نويد اڪبر ايجنڊا پيش ڪئي ۽ مختلف نقطن تي غور ويچار ڪيو ويو. پي آر اي پاڪستان حڪومت، رياست ۽ ميڊيا مالڪن تي متفقه طور تي واضح ڪيو آهي ته معلومات تائين پهچ، ڪوريج دوران ميڊيا جي ڪارڪنن جي تحفظ ۽ اظهار جي آزاديءَ تي پابندي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ،اجلاس ۾ ميڊيا تي لڳل پابندين تي به ڏک جو اظهار ڪيو ويو. پي آر اي پاڪستان حڪومت پاران ميڊيا جي پيشه ورانه ذميوارين ۾ رڪاوٽن جي مذمت ڪئي آهي. سياسي ڪارڪنن پاران ميڊيا هائوسز ۽ صحافين تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين کي هدايت ڪئي ته هو ميڊيا جي ڪمن ۾ مداخلت ۽ حراسان ڪرڻ کان پاسو ڪن. ميڊيا ڪوريج دوران مالڪ ضروري حفاظتي سامان فراهم ڪرڻ ۽ مزدورن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ تي به زور ڀريو آهي. اجلاس ۾ سينيئر صحافي مطيع الله جان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته صحافين تي اهڙن ڪيسن کان پاسو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پي آر اي جي ميمبرشپ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ ۽ ميمبرن جي لسٽن جي ڇنڊڇاڻ تي به غور ڪيو ويو.