پشتونخوا ملي عوامي پارٽي پاران عبدالصمد اچڪزئي جي ورسي 8 ڊسمبر تي ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي پاران هر سال جئين هن سال به سڄي ملڪ سميت ڪراچي ۾ به خان عبدالصمد خان اچڪزئي شهيد جي 51هين ورسي 8 ڊسمبر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ورسي تقريب آچر ڏهاڙي شام جو 5 وڳي منگهو پير روڊ ايم پي آر  ڪالوني ويجهو البدر مسجد گل شادي هال ڪراچي ۾ ملهايو ويندو، ورسي تقريب جي حوالي سان ڪوٺايل جلسي ۾ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت، ڪراچي شهر تعلق رکندڙ مختلف سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ، اديب ۽ اسڪالر شرڪت ڪندا.

  1. ڪراچي هوائي اڏو ڌماڪي جا  بشير بلوچ ۽ عبدالرحمان ماسٽر مائنڊ قرار

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني قافلي تي حملي جي ٻئي ڪيس جي جاچ دوران وڌيڪ اهم حقيقتون سامهون اچي ويون آهن. ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني قافلي تي آپگهاتي  حملي جي ٻئي ڪيس ۾ سي ٽي ڊي مالي سهڪار ۽ رٿابندي بابت ابتدائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ايئرپورٽ ڌماڪن جي رٿابندي ۽ فنڊنگ جي مدد سان ڪئي وئي  پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر ۽ ڌماڪن جي ماسٽر مائينڊ بشير بلوچ ۽ عبدالرحمان فنڊنگ ۽ منصوبابندي ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منصوبو شاهه فهد ۽ گرفتار جوابدار جاويد مڪمل ڪيو هو  جڏهن ته دهشتگرد جاويد پوليس آڏو خودڪش ڌماڪي ۽ رٿابندي جو به اعتراف ڪيو آهي. شروعاتي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار ڪار شو روم مان 71 لکن ۾ خريد ڪئي وئي هئي  ۽ رقم حب چوڪي ​​۾ هڪ خانگي بئنڪ ذريعي ادا ڪئي وئي. اهو منصوبو بارود سان گاڏي کي ڀرڻ سان ڪيو ويو.ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي ڪمانڊر ۽ ماسٽر مائينڊ بشير احمد بلوچ عرف بشير زيب ۽ عبدالرحمان عرف رحمان گل کي نامزد ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي مدد ڪندڙ خانگي بئنڪ جي حب چوڪيءَ جو آفيسر بلال ۽ اڪائونٽ هولڊر سعيد علي جا نالا به شامل آهن. ڪيس ۾ اڪائونٽ هولڊر سعيد علي کي به نامزد ڪيو ويو آهي

  1. افغانستان ۾ طالبان پاران عورتن لاءِ نرسنگ ۽ مڊ وائفري ڪورس بند ڪرڻ جو حڪم

ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان عورتن لاءِ نرسنگ ۽ مڊ وائفري جا ڪورس بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عالمي خابرو اداري موجب طالبان جي سپريم ليڊر جي حڪم تي عورتن کي جلد صحت جي شعبي ۾ مختلف ڪورسز ڪرڻ کان محروم ڪيو ويندو، اهڙو حڪم ڪابل ۾ طالبان عملدارن تعليمي ادارن جي ڊائريڪٽرن سان ملاقات دوران ڏنو، انهن ادارن جي ڊائريڪٽرن کي ٻڌايو ويو ته طالبان ڪمانڊر جي حڪم تي جلد ئي عورتن کي پبلڪ هيلٿ سان لاڳاپيل مختلف ڪورسز ڪرڻ کان روڪيو ويندو، ياد رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان وٺي ڇوڪرين جي ثانوي تعليم ۽ عورتن جي روزگار تي اڃا تائين پابندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.