ٽنڊو آدم: آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي سان زيادتي جي وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

ٽنڊو آدم (ن    ع      آ) ٽنڊوآدم ٻه ڏينهن اڳ شاگردياڻيءَ پاران ڪيل آپگهات وارو مامرو. مامرو نئون رُخ اختيار ڪري ورتو، جوابدار پاران شاگردياڻيءَ سان زيادتي ڪرڻ بعد ويڊيو ڀرڻ جو الزام، واقعي جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار. رپورٽ موجب ٻه ڏينهن اڳ ٽنڊي آدم جي بي سيڪشن  ٿاڻي جي حد اندر مبينه طور آپگهات ڪندڙ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي 13 ورهين جي عروج ڪشميريءَ وارو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، مقتول شاگردياڻيءَ جي ماءُ سونيا زال جهانگير علي ڪشميري جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادڻ ڄاڻايو آهي ته محراب کوسو نالي جوابدار منهنجي ڌيءَ کي اسڪول وڃڻ مهل تنگ ڪندو هو ۽ ٻه ڊسمبر تي منهنجي ڌيءَ عروج سندس ڀيڻ ڪائنات سان گڏ اسڪول وئي ۽ واپسيءَ تي عروج مايوس هئي پڇا ڪرڻ تي هُن ٻڌايو ته صبح جو اسڪول ويندي جوابدار محراب کوسو ۽ هڪ نامعلوم رستي تي بيٺل هئا محراب کوسي مونکي زبردستي هڪ خالي جڳهه ۾ کڻي وڃي زنا ڪيو آهي ۽ موبائل تي تصويرون ڪڍي مونکي ڌمڪي ڏني آهي ته ڪنهن سان به ڳالهه ڪرڻ جي صورت ۾ تصويرون وائرل ڪندس. واقعي کانپوءِ منهنجي ڌيءَ دلبرداشته ٿي گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.