نوري آباد(رپورٽ عزيز پالاري) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو يونين ڪائونسل ڄنگھڙي ۾ اصل کاتيدار زميندارن کان زمينون کسڻ ۽ ٻاهرين ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ واري فيصلي کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته هي فيصلو سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.ھن چيو ته سنڌ حڪومت هزارين ايڪڙ زمين اصل کاتيدارن کان زبردستي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا علائقي جي تاريخي حقن تي ڌاڙو آهي،جمعيت علماءِ اسلام اهڙن غيرمنصفاڻن قدمن جي سخت مخالفت ڪري ٿي. ھن مطالبو ڪيو ته اصل کاتيدارن کي سندن زمينون واپس ڪرائي ان کانپوءِ بچيل زمينون غريب ۽ بي زمين ماڻهن ۾ تقسيم ڪيون وڃن. ھوڏانھن ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران مذڪورہ زمينن کي تين وال ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسل ڄنگھڙي ۾ 5 ڊسمبر تي رکيل کلي ڪچھري کي ڊي سي ٺٽو پاران عارضي طور ملتوي ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف متاثر مقامي رھواسين شفيع محمد شورو، الھورايو، شوڪت علي شورو، ميان بخش، علي محمد، ايوب، گلشير، چنيسر، رمضان، حبيب الله شورو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته سندن ھزارين ايڪڙ زمينون يوسي ڄنگھڙي ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ ۾ قبولي توڙي کاتن واريون َآھن، جن جا وٽن سمورا ڪاغذ، نقشا موجود ھوندي به سندن زمينن جا کين دنگ، نشان نٿا ڏنا وڃن،