جماعت اسلامي پاران انجنئير راهول ڪمار جي قتل واقعي جي سخت مذمت

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ روزاني سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مهيش ڪمار جي مائٽ انجنيئر راهول  ڪمار کي پنهنجي فليٽ گلستان جوهر ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ رهزنن ڌاڙيلن ۽ قاتلن حوالي ٿيل آهي، ڪراچي جهڙي شهر ۾ شڪارپور واسي انجنئير راهول جو قتل حڪومتي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.، هوڏانهن سينئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا پڻ روزاني سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مهيش ڪمار کي فون ڪري واقعي تي افسوس جو اظهار ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري ڏکويل خاندان کي انصاف ڏين جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.