ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پشتون تحفظ موومنٽ جي اڳواڻن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ملڪي بغاوت واري ڪيس ۾ علي وزير کي 3 ايم پي او جي تحت بلوچستان جيل منتقل ڪيو ويو آهي .علي وزير جي وڪيل بلوچستان جيل ۾ منتقلي جي حوالي سان عدالت کي آگاهي ڏني .وڪيل صفائي جو چوڻ آهي ته علي وزير کي 3ايم پي او جي تحت گڏاڻي جيل بلوچستان ۾ رکيو ويو آهي .انڪري علي وزير عدالت ۾ نٿو پيش ڪري سگهجي .عدالت دير سان اچڻ تي جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي ٿي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪندي 21ڊسمبر تائين ڪيس کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .پشتون تحفظ موومنٽ جي اڳواڻن جي خلاف سال 2018ع ۾ شاهه لطيف ٿائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو هو جنهن ۾ علي وزير ۽ مصطفي گرفتار آهن ۽امان خان ۽ عمير خان ضمانت تي آهن .
-
توشا خانا 2 ۾ اهم اڳڀرائي،بشريٰ جي ضمانت رد ڪرڻ بابت اڄ ٻڌڻي
اسلام آباد(م ڊ) توشا خانا 2 ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، بشريٰ بي بي جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪندو، ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ايف آءِ اي طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ مسلسل غير حاضري تي بشريٰ بي بي جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
-
پنج هزار ڪارڪن گم آهن، سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: بئريسٽر گوهر
ايبٽ آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جو پارٽي سان ڪو به تعلق ناهي، ايبٽ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بشريٰ بي بي هن وقت پشاور ۾ آهي. هن دعويٰ ڪئي ته علي امين گنڊاپور صوبي جا وسيلا استعمال نه ڪيا، احتجاج جي معاملي تي سمورين سياسي پارٽين سان رابطو ڪري رهيا آهيون، بئريسٽر گوهر چيو ته اسان جي جدوجهد جمهوريت جي بحالي ۽ باني تحريڪ انصاف جي آزادي لاءِ آهي، اسان جا 5000 ڪارڪن اڃا تائين گم آهن، اسان جي تحريڪ تي فائرنگ نه ٿيڻ گهرجي ها، ڪا به حڪومت پنهنجي شهرين تي گوليون نه هلائيندي آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن جي وارثن کي معاوضو ۽ سندن ٻارن کي نوڪريون ڏيندي، مستقبل جو لائحه عمل باني جي حڪم سان طئي ڪيو ويندو، بشريٰ بي بي جو سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي، بشريٰ بي بي هڪ عام ڪارڪن وانگر احتجاج ۾ شامل ٿي آهي.
-
شبلي فراز به مستعفي، بئريسٽر علي ظفر جڊيشل ڪميشن جو ميمبر مقرر
اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب کانپوءِ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز به 32 ايف آءِ آرز ۾ نامزدگين ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ سبب جڊيشل ڪميشن جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين کي موڪلي، ٻي پاسي سينيٽ چيئرمين پي ٽي آءِ جي بئريسٽر علي ظفر کي جڊيشل ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.