غوثپور (ن ع آ ) جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ زنگي بھلڪاڻي ۾ نامعلوم ھٿياربندن زمين تي فصل کي پاڻي ڏيندڙ ٻن پورھيتن شڪيل ۽ لياقت بھلڪاڻي کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملڻ تي جمال پوليس ۽ مغوين جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کڻي ڪچي طرف روانا ٿي ويا اغوا ٿيلن مغوين جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو مغوين جا وارث سخت پريشان مغوين جي وارثن پاران ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿي ويل 2 ڄڻن کي بازياب ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج ڪري انڊس هاءِ وي ڪشمور ۽ شڪارپور روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.