پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل کي داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس وقار احمد تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد زرتاج گل جي 21 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي زرتاج گل کي درج ٿيل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.