اوٻاوڙو/ڏهرڪي ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ/ اجيت ڪمار ) اوٻاوڙو لڳ قومي شاهره تي الائنس شگر مل وٽ وڪيل عبدالحميد رند جي فيملي سان افسوس ناڪ حادثو پيش آيو آھي موٽر سائيڪل ۽ مڏ سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ زودار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ئي گھر جا ٽي ڀاتي موقعي فوت ٿي ويا فوتين ۾ موٽر سائيڪل سوار احسن رند زاهده رند ۽ ست سالا عاشيه رند موقعي تي ئي فوت ٿي ويا اطلاع تي وڪيل برادري ۽ علائقي واسين فوتين جا لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايا جتي فوتين جا وارث زارو قطار روئيندي اسپتال پهچي ويا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا هڪئي گهر جا ٽي لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ياد رهي ته شوگر مل قومي شاهراهه تي هجڻ ڪري هڪ هفتي اندر ٻيون خوف ناڪ حادثو پيش آيو آهي جڏهن ته ڪمند جي سيزن ۾ وڏا حادثا پيش اچن ٿا مل انتظاميا جي ناڪس پاليسي ڪيترن ئي ماڻھن جا گهر اجاڙي ڇڏيا هوڏانهن اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽريڪٽر ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.