سن 2000 کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ان حقيقت کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي ته پاڪستان آمريڪا جي نام نهاد ” دهشتگردي خلاف جنگ“ ۾ ساٿ ڏيئي ڪري پنھنجي لاءِ جيڪي خطرناڪ رستا کوليا ان جا نتيجا اڄ به ملڪ ۽ قوم بدامني مھانگائي ۽ دھشتگردي جي شڪل ۾ ڀوڳي رھي آهي. ھزارين سولين ۽ فوجي جوان ھن جنگ جو کاڄ بڻيا.
تازو خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم (پاراچنار) ۾ پشاور اچڻ وڃڻ وارين مسافر گاڏين جي قافلي تي وحشياڻي فائرنگ جي نتيجي ۾ کير پياڪ ٻارڙن ۽ عورتن سميت ھڪ سو کان وڌيڪ ماڻهن کي انتهائي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. ڪرم ضلعي جون حدون ٽن هنڌن کان افغانستان سان ملنديون آهن، ڪيترن ئي ماڻهن ان وارادات ۾ ٻاهرين هٿن جي ملوث هجڻ جا اشارا ڏنا آهن، جڏهن ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهڙي زهريلي پروپيگنڊا سان ٻن اسلامي پاڙيسري ملڪن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جو مقصد به ٿي سگھي ٿو.
ملڪ هن وقت اڳ ئي سخت سياسي ۽ معاشي بحران ۾ ڦاٿل آهي، چيني انجنيئرن تي حملا ٿي رهيا آهن، بلوچستان الڳ ٻري رهيوآهي، جتي مسلسل سيڪيورٽي اهلڪارن توڙي سول آبادي تي حملا ۽ بم ڌماڪا ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پاراچنار واقعو خيبرپختونخوا ۾ امن و امان جي انتھائي خراب صورتحال جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي، جنھن تي هر محب وطن شهري غمگين ۽ پريشان آهي. هن علائقي ۾ مستقل بي گناهه ماڻهن جو رت وهائڻ قابل مذمت هجڻ سان گڏ سڪيورٽي ادارن جي وڏن وڏن آپريشنن لاءِ به سواليه نشان آھي. ايئن لڳي ٿو ته هڪ منظم رٿابندي سان سڄي ملڪ ۾ فرقيواراڻا فساد ڪرائڻ جي سازش رٿي وئي آهي. اها به حقيقت آهي ته وفاقي ۽ ڪي پي حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران ريڊ زون پهچڻ ۽ روڪڻ واري جنگ ۾ مصروف آهن.
اسان ڪيترن ئي سالن کان حڪمرانن ۽ سيڪيورٽي ادارن طرفان “دهشت گردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ” جي دعوا ٻڌندا پيا اچون، تنهن جي باوجود اهڙا واقعا تسلسل سان پيش اچڻ فڪر جو مقام آهي. پارا چنار واقعي پويان قبائلي جھيڙي ۽ زمينن تي قبضي جون ڳالهيون پڻ ڪيون پيون وڃن جيڪا برطانيا جي دور ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ ونڊ ورھاست ٿيل آھن. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ به اهڙن دردناڪ واقعن جي پويان اهو ئي چيو ويو هو. پر اسان ته حڪومت طرف ڏسون ٿا ته اها ڇا ڪري رهي آھي؟ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته عوام جي لساني ۽ فرقيوارانه بنيادن تي ورهاست ملڪ کي ڪمزور بڻائي ٿي. ضلعي ڪرم پاراچنار ۾ مذهبي منافرت جي بنياد تي وڏي وقت کان رتوڇاڻ جاري آهي، تازو مسافرن جي قافلي تي ٿيندڙ حملي ۾ وڏي انگ ۾ معصوم حياتيون ضايع ٿيڻ واري واقعي تي هر محب وطن شهري ڏک محسوس ڪري رهيو آهي.
ديني جماعتن ان مقصد لاءِ ”ملي يڪجهتي ڪائونسل“ جي پليٽ فارم کي مضبوط ڪيو. جيڪا پنهنجي ٺھڻ جي پھرين ڏينهن کان وٺي ملڪ جي سالميت، نظرياتي اثاثن جي حفاظت ۽ فرقيوارانه فسادن جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. پاراچنار ۾ مسافر بسن تي، جيڪي سخت حفاظتي حصار ۾ قافلي جي صورت ۾ وڃي رهيون هيون، انھن تي وحشيانه دهشت گرد حملو وڏو المناڪ واقعو آهي. هي صرف امن و امان تي نه، پر قومي اتحاد ۽ قومي سلامتي تي به حملو آهي. حڪومت عوام کي جواب ڏئي ته دهشت گرد پنهنجي مقصدن ۾ ڇو ۽ ڪيئن ڪامياب ٿي رهيا آهن ۽ سيڪيورٽي، انٽيليجنس ادارا ڇو ناڪام آهن؟
هن سڄي صورتحال ۾ حڪومتي بي حسي واضح طور نظر اچي رھي آھي. پاراچنار سانحي کان وٺي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ھڪٻئي پٺيان دهشت گردي جا واقعا ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ مان لڳي ٿو ته هن وقت ملڪ ۾ حڪومت جو ڪوبه نالو نشان ڪونه آهي. آڪٽوبر مھيني ۾ سڄي ملڪ ۾ 48 دهشت گردي جا حملا ٿيا، جڏهن ته صرف ڪي پي ۾ 35 حملا رڪارڊ ڪيا ويا جنهن ۾ مجموعي طور 500 ماڻهو مري ويا آھن. ادارن جو پنهنجي اصل ذميواري ادا ڪرڻ بدران ٻيا ڪم ڪار ڪرڻ سان ٻاهرين قوتن کي سازشون ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ اهڙا المناڪ واقعا پيش اچن ٿا.
تازو 24 نومبر تي پي ٽي آءِ احتجاج به اسان جي سامهون آهي، سڀني ڏٺو ته حڪومت ڪيئن شيون پاڻ خراب ڪيون. هن وقت قومي ايڪشن پلان تي ازسرنو قومي اتفاق راءِ پيدا ڪري عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ هي بد امني تمام وڏي رتوڇاڻ ۾ بدلجي ويندي ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جو پڻ انديشو آهي. دھشتگردي جي ناسور جو خاتمو قومي سلامتي لاءِ اڻٽر آھي. سول-ملٽري اسٽيبلشمينٽ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪري، عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن جي وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ئي دراصل امن جو رستو هوندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ضلعي ڪرم (پاراچنار) ۾ امن امان جي قيام لاءِ مستقل بنيادن تي گرينڊ جرگو تشڪيل ڏنو وڃي، بيگناهه ماڻهن جي قتل عام ۾ ملوث ٽولن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ فوراً عدالتي ڪميشن قائم ڪري اصل حقيقتن کان قوم کي آگاہ ڪري ۽ جٽادار امن لاءِ پلان پيش ڪري. رياست پنهنجي قانون جي رٽ قائم ڪري نه ته انتشار پکڙندو، ماڻهو آخر ڪيسيتائين پنهنجن پيارن جا لاش ڪلھن تي کڻندا رهندا. انهن جون پنهنجي قبائلي، خانداني روايتون آهن، رياست کي هر مظلوم سان گڏ بيهڻ گهرجي. وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ توڙي اچ وڃ جي رستن کي محفوظ بڻائڻ جي سموري ذميواري حڪومت جي آهي، ان لاءِ اڳواٽ عملي ۽ سنجيده قدم کنيا وڃن. ٻن ھفتن جي خونريزي کان پوءِ حڪومت کي هاڻي ھوش آيو آھي دير آيد درست آيد.
آخري اطلاعن مطابق جيتوڻيڪ حڪومتي دعوائن موجب لاڳيتو ڇڪتاڻ کان پاراچنار ۾ حالتون معمول تي اچي ويون آھن، پر ڪرم ۾ آمد و رفت ۽ رسد جي رستن جي بندش سبب تيل سميت خوراڪ جي کوٽ جو پڻ خطرو آهي. ضلعي ڪرم ۾ ٻن هفتن کان ھلندڙ جھيڙي ۽ خونريزي جي واقعن سڄي ضلعي کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو هو جتي اڄ به هر طرف خوف ۽ وحشت جا پاڇا لامارا ڏيئي رهيا آهن.
(نوٽ:ليکڪ ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جا صدر ۽ قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر آهن)