ڪوڙن ماڻهن جي هٿ چڙهي ويل سوشل ميڊيا

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

سوشل ميڊيا خراب ناهي پر ھِن سائنسي دؤر جي ھڪ نئين ۽ جديد ٽيڪنڪ آهي، پر هر نئين ايجاد وانگر سوشل ميڊيا پنھنجي شروعات  کان ئي ڪوڙن جي هٿ چڙھي وئي آهي، جنهن سبب ان جي ساک پنھنجي شروعات کان ئي خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي.اولھه جي دنيا  شروع کان ئي نقادن ان کي ”گٽر ميڊيا“ سڏڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو، پر حقيقت ۾ ھر نئين ايجاد يا ڪنھن نئين شيءَ  ۾ خرابي  نه ھوندي آھي.ان جي غلط استعمال ۾ خرابي آهي. ھر شيءَ جا فائدا نقصان ضرور ھوندا آھن.

اھڙي طرح جيئن سوشل ميڊيا جا فائدا سامھون ضرور ايندا ھوندا ته نقصان به ضرور سامھون ايندا رھن ٿا خاص ڪري اڄ  ڪلهه جي حالتن ۾ سوشل ميڊيا جا نقصان وڌيڪ سامھون نظر اچي رھيا آھن مطلب ته ھر پاسي ڪوڙا بيان،غلط ۽ بنا تحقيق جي پوسٽون شيئر ڪرڻ فيڪ آئڊيز ٺاھي ماڻھن کي بليڪ ميل ڪرڻ ڪوڙيون خبرون ڪاپي پيسٽ جو اڻکٽ استعمال معاشري سميت ملڪ کي وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي خاص ڪري ويجهي ماضي ۾ عمر ڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واقعو جيڪو ٿيو ان جي مارجڻ يا ان کان پوءِ سنڌ سونھاري ۾ امن امان جي جيڪا نازڪ صورتحال ھلي رھي ھئي ان ۾ سوشل ميڊيا جو غلط ۽ ڪوڙو استعمال ڪرڻ وارا برابر جا شريڪ آھن.

ان کان علاوہ ڪجهه ڏينھن سوشل ميڊيا تي لاهور جي ھڪ واقعي جي وڏي ڌوم متل ھئي ته ھڪ ڪاليج ۾ ھڪ شاگردياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آھي ان کي بيهوشي جي حالت ۾ ڇڏيو ويو ھو مري وئي آھي ڳجھه ڳوھ ۾ لاش کي لڪايو ويو آھي مختلف ڪوڙي پروپئگنڊا ڪري ڪوڙيون خبرون سوشل ميڊيا جون زينت بڻيل رھيون.

گذريل ڪجهه ڏينھن کان صرف سوشل ميڊيا تي ڊي چوڪ واقعي متعلق تمام گهڻو ڪجهه لکيو پڙھيو ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ جي ڊي چوڪ ڌرڻي ۾ وقت جي حڪومت پاران سوين ماڻهو مارايا ويا آھن جنھن ۾ تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت پاران مختلف انگ اکر پيش ڪري شھيدن جي تعداد بيان ڪري رھيا آھن ته اسان جي ايترن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آھي تعداد ۾ تضاد اچي رھيو آھي ڪير ھڪ سؤ ٻڌائي رھيو آھي ته ڪو اڳواڻ 2 سئو جي لڳ ڀڳ تعداد بيان ڪري رھيو آھي مطلب ته پاڻ ۾ متفق ٿي ڪري ڪو تعداد ٻڌائڻ کان لاچاري ظاھري ڪري رھيا آھن جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته صرف ڪوڙي پروپئگنڊا آھي جيڪڏھن واقعي وقت جي حڪومت ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو ماريا آھن ڊي چوڪ چائنا چوڪ بلو ايريا وٽ ڪا وڏي خونريزي دھشت گردي ٿي آھي ته ڪا رت جي ھولي کيڏي وئي ھوندي ثبوت ثابتي جي لاءِ ڪا ته ويڊيو سامھون ظاھر ڇو نٿي ڪئي وڃي ته واقعي ملڪ اندر وڏو ظلم ڪيو ويو آھي پر حقيقت ۾ اھڙو ڪجهه ناھي بس سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپئگنڊا کان سوا ڪجهه به  نه آھي.

بدقسمتيءَ سان سوشل ميڊيا شروع کان ئي ڪوڙ جي وبا جو شڪار آهي، جيڪا بنا تحقيق پڇا ڳاڇا جي بغير پنھنجي مرضيءَ سان ھلي رھي آھي جنھن کي ڪير به روڪڻ يا پڇڻ وارو ناھي بس پوءِ پنھنجي مرضي وارو ڪم عوام سميت معاشري جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آھي اڄ  ڪلهه جي دؤر ۾ يوٽيوبر صحافي برادري سميت ھر پڙهيل لکيل سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي خبر آھي ته ڪوڙ جي رفتار به تيز آهي ۽ سچ ويچارو ته ڪِيڙي وِک ھوندو آھي ۽ ڪوڙ (سيھڙ)  جيان اچي ۽ وڃي ٿو،وري غائب ٿي وڃي ٿو. تنهن ڪري توهان سئو دليل ڏيو ٻڌايو ته گوليون ڪنھن ھلايون؟ ڪٿي آهي ڪو ثبوت ؟ ڪا ايف آءِ آر، ڪو فوٽيج، ڪو اکين ڏٺو شاهد؟  ته جواب  ملندو ته ڪجهه  نه ڪجهه ته آھي!! ڪوڙ جا عادي اسان پاڪستاني ان وبا مان خوراڪ کائي رھيا آھيون.پر ڪوڙ جا پير  نه ھوندا آھن. ڪوڙ جو خواب ٽٽي پوندو. ڇو ته مشهور چوڻي آهي ته ڪوڙ جي رفتار تيز هوندي آهي پر سچ هميشه ئي منزل تي پهچندو آهي.

اڄ جي دنيا جو وڏو مسئلو پروپيگنڊا، فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ بڻجي چڪو آهي. هونئن ته تاريخ ۾ ڪيترن ئي ٺڳن،ڪوڙن ۽ ڪيترن ئي وڳوڙين  جو ذڪر ملي ٿو،پر اڄ  ڪلهه جي حالتن ۾ ڊي چوڪ واقعي تي جيڪو ڪوڙ جو سھارو ورتو پيو وڃي ان جو ڪو مثال سامھون نٿو اچي سگھي ھڪ ڪوڙي واقعي کي رونما ڪرڻ لاءِ ڪيترن ڪوڙن جو سھارو ورتو پيو وڃي جيئن چوڻي آھي ته ھڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سؤ ٻيا ڪوڙ ھڻڻا پوندا آھن ڪوڙ جي عمر وڏي  نه ھوندي آھي تنھنڪري ھاڻي اھو عروج کان زوال ڏينھن سفر ڪري رھيو آھي،روز روز جا ڪوڙ غلط ثابت ٿي رھيا  آھن. هڪ ڪوڙ غلط ثابت ٿئي ٿو ته ٻيو ڪوڙ گَھڙيو وڃي ٿو.

افسوس اِھو آھي ته ملڪ جا فائر وال انٽيليجنس ادارا مختلف نامور ايجنسيون انھن ڪوڙن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ڇو  نه ٿي رھيا آھن  نه وري ملڪ جو قانون ان وڳوڙ ڪندڙ شرپسندن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي رھيو آھي آخر پاڪستان ايئن ڇو نٿو ڪري سگھي ؟ جيڪڏهن ڪوڙ جو اهو سلسلو جاري رهيو، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز پکڙندي رھي ۽ ڪاپي پيسٽ جو سلسلو وڌندو رھيو ته پوءِ هڪ ڏينهن ڪو وڏو حادثو ٿي سگھي ٿو.ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنجيده سوچ رکندڙ طبقن ۽ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهي ڪري ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙين جو  سوشل ميڊيا جو اھو  منفي ڪردار ختم ٿي سگھي. اڄ  ڪلهه جي دؤر ۾ ڪنھن ليڊر جي عروج و زوال ڪارڪردگيءَ  تي  نه پر سوشل ميڊيا ۾ ان جي ساک تي آھي. پر ياد رکو ته ڪوڙ جا پير ناهن هوندا ڪوڙ جي عمارت هڪ ڏينهن ڊهي پوندي آھي مطلب ته ڪوڙي پروپئگنڊا خوش آمد يا چمچاگيري جي عمر ٿوري ھوندي آھي جڏھن ته سچ ۽ سچار جي عمر وڏي ٿيندي آھي جيڪو ھميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.