اسلام آباد ايئرپورٽ تي جهاز ۾ بم جو اطلاع، 2 جوابدار گرفتار

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد کان ڪراچي جي اڏام ۾ بم جو ڪوڙو اطلاع ڏيندڙ ٻن مسافرن کي گرفتار ڪيو ويو. بم جي اطلاع تي  نجي ايئرلائن جي اسلام آباد کان ڪراچي ايندڙ اڏام روڪي وئي. ذريعن موجب مسافرن کي جهاز مان لاهي سرچنگ ڪئي وئي. ٻن مسافرن فلائيٽ اٽينڊنٽ کي ٻڌايو ته هو ڀوڳ ڪري رهيا هئا. ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ٻنهي مسافرن کي لاهي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب نجي ايئرلائن جي اسلام آباد کان ڪراچي جي اڏام سوا 3 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.