ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بلائنڊ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڪالهه ٻئي ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين وزير اعلي هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي نابين مظاھرين سنڌ اسيملبي جي عمارت اڳيان احتجاج ڪندي سمهي پيا. انتظاميا پاران پريس ڪلب روڊ تي رنڊڪون هڻي سندن احتجاج کي روڪيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي سنڌ بلائنڊ ايڪشن ڪميٽي جي صدر نادر علي چانڊيو، شبير راجپوت نائب صدر ۽ شير علي ڪئي. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته معذورن جي عالمي ڏينهن تي به حڪومت جي نمائندن ملڻ کان انڪار ڪيو. مظاھرو ڪندڙ نابينا نوجوانن جو چوڻ ھو ته سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا ۾ نابينا نوجوانن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. ڊگريون هوندي به عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، مستقل نوڪريون ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ڪانٽيجنسي تي ڀرتي ڪيلن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ حق ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي پاسي احتجاج سبب آءِ آءِ چندريگر روڊ، شاهين ڪامپليڪس ۽ ڀرپاسي جي ٽريفڪ جام ٿي وئي جنهن جو وڏي وزير نوٽيس وٺندي اي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪئي.