اسلام آباد( ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وٽس اڃا آخري پتو آهي پر ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس. اها ڳالهه عمران خان جي ڀيڻ عليما خان اڱاري ڏينهن اڊيالا جيل ۾ پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. عليما خان کان علاوه عمران خان جي ٻين ٻن ڀينرن عظميٰ خان ۽ نورين خان به پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪئي. عليما موجب عمران خان سومر تي اڊيالا جيل ۾ وڪيلن ۽ صحافين سان ملاقات تائين 24 نومبر کانپوءِ جي واقعن کان بي خبر هو. عليما خان موجب عمران خان اسپتالن ۾ وڃي زخمين ۽ شهيدن جي عيادت ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر اسان ٻڌايو ته جڏهن ڪو اسپتال ويندو آهي ته ان کي کنيو ويندو آهي. عليما خان موجب عمران خان چيو ته پهرين محسن نقوي ۽ شهباز شريف خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. عمران چيو ته اوهان اڪبر بگٽي سان جيڪو ڪجهه ڪيو ان کانپوءِ اوهان سوچيو ٿا ته ان کانپوءِ سڪون ايندو، اها ڳالهه بلوچستان ۾ اڄ تائين هن واقعي کي نه وساريو ويو آهي. هي حڪمران يحيٰ پارٽ ٽو بڻجي ويا آهن. عمران خان جو چوڻ آهي ته سياسي ڪارڪنن جو احتجاج جمهوري عمل آهي. مان اها ڳالهه گواهين ۽ احتجاجن جي حوالي سان پارٽي ۾ موجود مونجهارن جي باري ۾ چوندس .بئريسٽر گوهر خان کي يا ته ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي يا کيس خبر ئي ناهي ته اسان ۽ ڪارڪنن سان ڇا ٿيو آهي. اسان هر جاءِ تي آواز اٿارينداسين، عالمي فورمن تي وينداسين. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته بشرا بي بي کي منهنجي هدايت ڪئي وئي ته احتجاج کي اسلام آباد ڪيئن وٺي وڃي، هن منهنجي هدايتن موجب اهو ڪيو. هي سياست ناهي، جهاد آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي اسپتالن ۽ شهيدن جي گهرن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.