اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته بشريٰ بي بي ۽ قاسم سوري جهڙا ماڻهو عمران خان کي ان ڌٻڻ ۾ وٺي وڃي رهيا آهن جتان واپسي ناهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته ٻاهر ويٺل ماڻهو اسٽيبلشمينٽ خلاف پروپيگنڊا لاءِ عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ استعمال ڪري رهيا آهن، هي اها پروپيگنڊا مهم آهي جنهن جو مان ذڪر ڪري رهيو آهيان، باني پي ٽي آءِ جي ايڪس اڪائونٽ کي هن وقت نظرانداز ڪن نه ته وڌيڪ نقصان ٿيندو، هن چيو ته ڪالهه اسٽيبلشمينٽ خلاف ايڪس پوسٽ ڄاڻي واڻي باهه لڳائڻ لاءِ لکي وئي، هي بي بنياد ٽوئيٽ پي ٽي آءِ جي باني نه پر ٻاهر ويٺل سازشين لکيو آهي، بشريٰ بي بي ۽ قاسم سوري جهڙن ماڻهن خان صاحب کي چريو قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، اهي سڀ پي ٽي آءِ جي باني کي اهڙي دلدل ۾ وٺي وڃي رهيا آهن جتان ڪا به واپسي ناهي.