عمران خان جڊيشل ڪميشن ۾ پارٽي جا نمائندا بدلائي ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جڊيشل ڪميشن ۾ پارٽي جا نمائندا تبديل ڪري ڇڏيا آهن، ذريعن موجب سينيٽ مان شبلي فراز بدران علي ظفر جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ پارٽي جي مستقل  نمائندگي ڪندو، جڏهن ته عمر ايوب جي جاءِ تي بئريسٽر گوهر يا لطيف کوسا مان ڪوبه هڪ پارٽي جي نمائندگي ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر ايوب ۽ شبلي فراز خلاف ڪيترائي ڪيس آهن، ان ڪري کين تبديل ڪيو ويو، عمر ايوب ڪيسن ۾ ضمانت ٿيڻ بعد جڊيشل ڪميشن ۾ پارٽي جو نمائندو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.