واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن خاص صدارتي اختيار استعمال ڪندي، پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن کي ٻن ڪيسن ۾ ’غير مشروط‘ معاف ڪري ڇڏيو آهي، صدر بائڊن جو چوڻ آهي ته مون واعدو ڪيو هو ته عدالتي فيصلن ۾ مداخلت نه ڪندس پر منهنجي اکين اڳيان پٽ سان ناانصافي ڪئي وئي، هنٽر بائڊن سيپٽمبر ۾ ٽيڪس بابت الزامن جو اعتراف ڪيو، بعد ۾ منشيات استعمال ڪرڻ ۽ بندوق رکڻ جي الزامن ۾ به ڏوهي ثابت ٿيو، هنٽر هڪ آمريڪي صدر جو پهريون پٽ بڻجي ويو جنهن کي پنهنجي پيءُ جي صدارت دوران ڏوهه جي سزا ڏني وئي، بي پاسي ان صدارتي معافي تي پنهنجي ردعمل ۾ نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوال ڪيو ته ڇا جو بائيڊن پاران هنٽر کي ڏنل معافي ۾ 6 جنوري جا اهي ”يرغمالي“ به شامل آهن، جن کي ڪيترن سالن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي؟ هي طاقتن جو غير قانوني استعمال ۽ انصاف جي ابتڙ عمل آهي!
-
ڪراچي واسين لاءِ 18 پئسا في يونٽ بجلي سستي
ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي سستي ڪئي وئي آهي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي صارفين لاءِ ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 18 پئسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي آهي، نيپرا سيپٽمبر 2024ع جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي صارفن کي ڊسمبر جي بلن ۾ رليف ڏنو ويندو، 300 يونٽ في مهيني تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.
-
رٽائرڊ ملازم جي پينشن ختم ڪرڻ واري مامري تي جاچ آفيسر طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾ صحت کاتي جي گريڊ 20 جي آفيسر رٽائرڊ ڊاڪٽر پريتم جي پينشن ختم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي .آئيني بئنچ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر کي به طلب ڪري ورتو آهي .عدالت درخواست جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ريٽائرمينٽ جي اڍائي سالن کانپوءِ پينشن بند پيل آهي . جڏهن ته اي جي سنڌ آفيس ويو ته کيس ٻڌايو ويو ته ڊپارٽمينٽ تنهنجي پينشن روڪي ڇڏي آهي. اهو به ٻڌايو ويو ته منهنجي خلاف اينٽي ڪرپشن، ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .درخواستگذار جو چوڻ هو ته مون کي نه ئي اطلاع ڏنو ويو ۽ نه ئي طلب ڪيو ويو.درخواستگذار چيو ته ٽن سالن کانپوءِ ڪيس جو پتو پيو آهي