حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ فرينڊس فورم دبئي پاران قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته پنهنجي درياھه،ثقافت، تاريخ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.سنڌ جو عوام ڏوهن، انتهاپسندي ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، ڪو به معاشرو رواداري ۽ برداشت کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، شاهھ لطيف، سچل جو فڪر ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏئي ٿو. اسان کي سنڌي سان گڏ، پنجابي، پشتو، اردو، بلوچي، ھندڪو ۽ سرائڪي ٻوليون به اسان کي عزيز آھن. سنڌ سميت سڄي ڏکڻ ايشيا امن، فن ۽ محبت جي ڌرتي آهي. سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو عالمي پيغام ڏي ٿي. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ميرٽ، امن ۽ برابري چاهيون ٿا.اياز لطيف پليجي چيو ته ھن وقت پاڻ سنڌ واسي، پنھنجن پاڙيسري ملڪن ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ماڻھن جي ڀيٽ ۾ پرڏيهھ ۾ پنج سيڪڙو به ناھيون. اياز لطيف پليجي چيو ته ھر سال باقائدگيءَ سان سنڌ اچو ۽ ھڪ 2 ھفتا پنھنجي اباڻي شھر يا ڳوٺ ۾ رھو، ان دوران سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ معلوماتي ليڪچر ڏيو، لائبريرين، اڪيڊميز، اسڪولن ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيو ۽ ڄاڻ پکيڙيو. جي ممڪن ٿي سگھي ته پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪو ننڍڙو ڪمپيوٽر سينٽر، اڪيڊمي يا لائبريري قائم ڪيو.