سنڌو درياءُ سنڌ جو آجپو آھي، ڪئنال منظور نه ڪنداسين : ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

کيبر ( رپورٽ: شيراز علي جت ) کيبر ڀرسان جسقم شهيد بشير خان يونٽ پاهڙ خان جمالي ۾ جسقم بانيڪار محترم ڊاڪٽر نياز  ڪالاڻي، سنڌ رواداري تحريڪ اڳواڻ پنهل ساريو، جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر حنان عباسي، ضلعي مٽياري چيف آرگنائيزر عابد شاهاڻي، عبدالشڪور جمالي، جسقم شهيد بشير خان جي يونٽ پاهڙ جمالي پهچي ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي  ”جشنِ شهيد بشير خان قريشي“  جي عنوان سان جلسو منعقد ڪيو ويو, جنهن ۾ نويد جمالي، هوشو جمالي، رياض جمالي، ڪامريڊ ثناء الله جمالي، نعيم جمالي ۽ وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي، جنھن ۾ اڳواڻن خطاب ڪيو ۽ آخر محفل موسيقي جو پروگرام به ڪيو ، اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ جو شعور جاڳي چڪو آھي سامراج قوتون ھٽ ڌرمي تان لھي وڃن سنڌو درياءُ سنڌ جو آجپو آھي ان تي ڪوبه سودو يا ڪيئنال ڪڏھن به منظور ناھي نه ئي ٿيندو ، حڪمران ڪرسين بچائڻ جي چڪر ۾ سنڌ جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.