اوٻاوڙو ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ۾ بدامني جو جن بوتل مان ٻيھر نڪري آيو اغوا ڪندڙ ڏوھاري گروھ چڙھائي ڪري محمد پور لنڪ روڊ ڳوٺ بڊ سپيو مان سپيا برادري جي ٻن ڄڻن محمد حنيف سپيو ۽ محمد اسلام سپيو کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اغواڪري ڪچي طرف کڻي ويا اوٻاوڙو پوليس خاموش تماشائي بڻيل ڏوھارين پاران مغوين جي وارثن کان ھڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل مغوين جي بازيابي لاء وارثن ۽ سپيا برادري جي سوين ماڻھن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ان موقعي تي وارثن چيو ته ڌاڙيلن نوجوانن جي بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي اسان غريب مسڪين آهيون ، هڪ ڪروڙ ڪٿان ڏيون، اسان مزدوري ڪري پنھنجي گهر جو سفر گذر ڪندا آهيون، اسين ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻيا نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.