اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جو ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپن جي ڪا به ايجنڊا ناهي، اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته افغانستان ۾ اسان جي سفارتڪارن جو ڪم افغان حڪومت سان رابطي ۾ رهڻ آهي، پاڪستان حڪومت ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿيون آهن، يو اي اي پاڪستاني شهرين تي ويزا پابندي نه لڳائي آهي، هن چيو ته پاڪستان کي يقين آهي ته راندين تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ايندڙ سال چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته سمورا ملڪ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت ڪندا.