چارسده (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صدر ايمل ولي پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جي حمايت ڪري ڇڏي، چارسده ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايمل ولي چيو ته هو پي ٽي آءِ تي پابندي جي حمايت ڪري ٿو، پي ٽي آءِ جو رويو غير جمهوري آهي، 9 مئي ۽ 24 نومبر جا واقعا پابندي جو بهترين جواز آهن، گورنر راڄ مسئلن جو حل ناهي، گورنر راڄ سان رڳو انا ۽ ضد پوري ٿيندي، اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ وزيراعظم گورنر راج جو فيصلو ڪندو، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هن وقت صوبي ۾ باهه لڳي رهي آهي پر صوبائي حڪومت اسلام آباد وڃي باهه ٻاري، صوبي کي دهشتگردن حوالي ڪيو ويو آهي، 5 ڊسمبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.