دبئي(م ڊ) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ به پوري دنيا جي آزاد ۽ پڙهيل لکيل عورتن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته هو نه رڳو کاڌو پچائڻ ڄاڻن ٿيون پر کين گهر جي صفائي ڪرڻ به اچي ٿي، دبئي ۾ گلوبل وومينز فورم دوران هڪ انٽرويو ۾ عمران خان بابت هڪ سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن هو چوي ٿو ته جيل ۾ سندس جان کي خطرو آهي ته پوءِ ان کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، ڪنهن به شخص طرفان سندس جان کي خطرو ظاهر ٿيڻ تي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي، هن چيو ته پوليو خلاف پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت جي جنگ جاري آهي ۽ حڪومت ان موذي مرض کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، هن نوجوان ڇوڪرين کي پڻ پيغام ڏنو ته هو اڳتي وڌن، حالتن ۽ مسئلن کان شڪست نه کائين، پنهنجي آواز کي سڃاڻي اڳتي وڌن، دنيا جو مستقبل انهن جي هٿن ۾ آهي، مايوسي ڇڏي اڳتي وڌو ۽ اڳواڻي ڪريو.