ن ليگ پي ٽي آءِ تي پابندي جو ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف تي پابندي جو ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن کي ايوان ۾ ايم پي اي عظميٰ ڪاردار پيش ڪيو. عظميٰ ڪاردار طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾  لکيو ويو ته هي ايوان هڪ مخصوص سياسي اپرٽي کي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوششجي پرزور مذمت ڪري ٿو، تحريڪ انصاف پرتشدد احتجاج سان ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، گاڏي سان ٽن رينجرز جوانن ۽ ٻن پوليس ڪانسٽيبلن کي شهيد ڪيو ويو. شرپسندن جي ڪري ملڪ کي روز 190 ارب رپين جو نقصان ٿيو. هي ايوان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته تحريڪ انصاف تي فوري پابندي لڳائي وڃي جيئن ملڪ کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.