اسلام آباد ( نجم سيٺي) ڪي پي ۾ گورنر راڄ نه لڳندو، پردي پٺيان ڳالھيون ٿينديون. اھو فيڪٽ ٿيو آھي ته ڪارروائي ٿي آھي محسن نقوي به چيو ھيو ته آپريشن ڪنداسين. بشريٰ بي بي ۽ امين گنڊاپور جي گاڏي مٿان ڪا فائرنگ ناھي ٿي بلڪ انھن کي ٻڌايو ويو تھ فائرنگ ٿي سگھي ٿي سو نڪر ي وڃو . بلڪ انھن کي رستو بھ ڏنو ويو ۽ سھولت ڏني وئي. اگر بشريٰ کي ٽارگيٽ ڪرڻو ھجي ھا تھ سنائپر استعمال ڪن ھا پر ان جي ضرورت نھ ھئي. حڪومت انڪوائري ڪونھ ڪندي ڪري سگھي ٿي. عدالت ۾ پي ٽي آئي وڃي سگھي ٿي. رانا ثنااللھ پراڻو کيڏاڙي آھي. ھو چوي ٿو تھ بشريٰ بي بي کي گرفتار نھ ڪرڻ گھرجي پر مان چوان ٿو اھا گرفتار ٿيندي بلڪھ مان تھ چوان ٿو اھا رياست جواثاثو آھي. اھا رياست لاءِ مسئلو ناھي پر اثاثو آھي. ڏيکاءِ لاءِ ان کي گرفتار ڪري الڳ رکيو ويندو ان جي حيثيت ۽ اھميت کي ختم ٿيڻ نھ ڏيندا. امين گنڊاپور جي بھ اھميت رھندي اھي ٻئي ماڻھو ڪرائوڊ ڪنٽرول ڪري سگھن ٿا ۽ خان کي سمجھائي بھ سگھن ٿا تنقيد ايندي تھ ان کان بھ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا. پي تي آئي جي اندر بھ بشريٰ بي بي جي خلاف ڳالھيون شروع ٿي ويون آھن سو ان کي سائيڊ ڪرڻو آھي تھ جئين ڳالھين جو فوڪس اھا نھ رھي ۽ جئين ئي اھا سائيڊ تي ٿيندي تھ ماڻھن جو ڌيان ھٽي ويندو. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پابندي جي حوالي سان اسيمبلي ۾ مطالبو آيو آھي سو اھي وقت ٽپائڻ جون ڳالھيون آحن سي اھي نھ ٿيندويون ۽ گورنر راڄ بھ نھ لڳندو جو ان جا تمام گھنا نقصان آھن.. اگر ھاڻي ڪا ڪال ايندي تھ ھلو ھلو اسلام آباد ھلو تھ ان کي سرڪاري سپورٽ نھ ملندي . گورنر راڄ جو نقصان اھو ٿيندو تھ ڪي پي جو موڊ ھن وقت پي ٽي آئي ۽ ن ليگ ۽ پ پ خلاف آھي اگر گورنر راڄ لڳندو تھ اتي پوءِ احتجاج ڏانھن معاملو ھليو ويندو. اتي احتجاج شروع ٿيندا گورنر ھائوس اڳيان ڌرڻا لڳندا پوليس آرڊر فالو نھ ڪندي بيورو ڪريسي سڀ عمران جي حامي آھي. عدليھ جو موڊ گورنر راڄڃ جي خلاف رھندو آوي آھي. پيپلز پارٽي بھ ان کي سپورٽ نھ ڪندي. ھڪ وقت ھيو سنڌ ۾ بھ اھري ڳالھ ٿي ھئي ۽ زرداري گرجيو بھ ھيو سو پيپلز پارٽي صوبائي معاملي تي ان جي خلاف نھ ويندي. 24 نومبر کان پُءِ عمران ڪمزور ۽ اسٽبلشمنٽ مضبوط ٿي آھي ، عمران خان ٽن چئن مھينن اندر ٻاھر نڪري ايندو.پيپلز پارٽي آصفھ کان ڳالھ چورائي آھي ۽ ھڪ فاصلو ڏيکاريو ويو آھي تھ جيڪڏھن عمران خان کي اڪوموڊيٽ ڪيو ويندو تھ پيپلز پارٽي بھ ان سان گڏجي سگھي ٿي ن ليگ لاءِ اھو تمام ڏکيو ھوندو. پيپلز پارٽي جو عمران خان سان ڪو خاص اشو ناھي نھ وري عمران خان سنڌ ۾ ڪو ھن مسئلو پيدا ڪيو ھيو. سو آصفھ کي سامھون آڻي پي پي پي حڪومت مٿان دباءِ وجھي رھي آھي ۽ ان جي پويان اھائي سوچ آھي تھ پنھنجا آپشن کليل رکڻ گھرجي . سو خان اچي ٿو تھ پيپلز پارٽي چوندي تھ اسان بھ تيار آھيون.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 30 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو