اسلام آباد) م ڊ) اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير به شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ انتشار پکيڙڻ وارن جي نشاندهي لاءِ وزيراعظم پاران ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي، جنهن جو سربراهه گهرو وزير محسن نقوي هوندو، جڏهن ته وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، احد چيما، عطا تارڙ ۽ سڪيورٽي فورسز جا نمائندا به شامل آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽاسڪ فورس پرتشدد واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري ته جيئن کين قانون موجب سزا ڏئي سگهجي، وزيراعظم ڪنهن به قسم جي ناانصافي کي روڪڻ لاءِ وفاقي اينٽي رائٽ فورس ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي فرانزڪ ليب قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ اسلام آباد سيف سٽي پروجيڪٽ کي جديد بڻائڻ سان گڏ فيڊرل پراسيڪيوشن سروس کي مضبوط ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان الحمدلله استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، وزيراعظم پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه مان آيل جٿي اسلام آباد ۾ اهڙو تماشو ڪيو جنهن کي بيان نٿو ڪري سگهجي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه پر هڪ فتنو، تخريبي گروپ آهي، ان لاءِ اسان کي هاڻي اڳتي وڌڻو پوندو، احتجاج دوران پاڪستان جي معيشت کي به سخت نقصان پهتو، احتجاج جي ڪري پاڪستان کي روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿيندو آهي، وزيراعظم چيو ته جيڪو تماشو ڪيو ويو ان کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، گذريل 9 مهينن ۾ ٽيون ۽ چوٿون ڀيرو لشڪر ڪشي ڪئي وئي، 2014ع واري ڌرڻي جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، جيڪڏهن پاڪستان جا دشمن صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا ته ڇا اسان کين ائين ڪرڻ ڏيون؟ هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته هتي وفاقي حڪومت جا سينيئر ماڻهو ويٺا آهن، آرمي چيف به ويٺو آهي، ان جي پوري ٽيم به هتي ويٺي آهي، سڀني گڏجي محنت ڪئي آهي، مان توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي، ان لاءِ اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو، سمورن تخريبڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، انهن خلاف ٺوس بنيادن تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت هنن 8 مهينن ۾ پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ ڇا ڪيو، عوامي منصوبن تي ڪيترو ڌيان ڏنو ۽ ان دوران اسلام آباد تي حملا ڪري پاڪستاني معيشت کي تباهه ڪيو، ڇا اسان پاڪستان کي هن جٿي جي حوالي ڪريون، هن تخريبڪار پارٽيءَ جي حوالي ڪرڻو آهي يا اسان کي پاڪستان ٺاهڻو آهي ۽ سينگارڻو آهي، هن چيو ته هن پارٽيءَ جو باني عمران خان مٿي کان پيرن تائين ڪوڙو آهي، مون پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ يا ماڻهوءَ جي اهڙي بزدلاڻي سوچ نه ڏٺي آهي، ان کي پارا چنار ۾ خونريزي بند ڪرائڻ جو خيال نه ٿو اچي، بس رڳو اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻي آهي ان کي اها پرواهه آهي ته پاڪستان کي ڪيئن تباهه ڪرڻو آهي ۽ معيشت کي ڪيئن ٻوڙڻو آهي، ٻي پاسي وزيراعظم جي قانون واري صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته ڪجهه وقت لاءِ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، حڪومت سمجهي ٿي ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ مناسب قدم هوندو، وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ تي ڪليئر آهي، وفاقي ڪابينا جي اڪثريت گورنر راڄ جي حق ۾ آهي، پهرين ڪوشش آهي ته صوبائي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو وڃي، جيڪڏهن اسيمبلي ۾ ٺهراءُ نه ٿو اچي ته ٻيو به رستو آهي، صدر وزيراعظم جي مشوري تي گورنر راڄ لڳائي سگهي ٿو، اهو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ به آڻي سگهجي ٿو، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 10 ڏينهن ۾ گهرائي سگهجي ٿو.