پشاور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم دعويٰ ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ مارجي ويل 12 ڪارڪنن جا مڪمل تفصيل موجود آهن، انگن اکرن موجب ايبٽ آباد ۽ چارسده مان 2، 2، شانگلا، مردان، ڪوٽلي ستيان، اسلام آباد ۽ ڊي جي خان مان هڪ هڪ، پشين ۽ هري پور جي هڪ هڪ ڪارڪن سميت 12 ڪارڪن شهيد ٿيا آهن، انهن جا جنازا، انهن جون وڊيوز ۽ ثبوت آهن جن کي ڊي چوڪ جي چوڌاري گوليون هنيون ويون، مارجي ويلن جو انگ هر روز وڌي رهيو آهي، واضح رهي ته لطيف کوسا 278 ماڻهن ۽ سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جا حمايتي 200 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪندا رهيا، سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ جا 20 ڪارڪن مارجي ويا آهن، ٻي پاسي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب اسلام آباد ۾ مظاهرين تي تشدد جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊي چوڪ تي پرامن مظاهرين کي شهيد ڪيو ويو، معاملي جي مڪمل جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، مان، امين گنڊاپور ۽ بشرا بي بي آخري دم تائين اسلام آباد ۾ هئاسين پر اسنائپرز پاران فائرنگ شروع ڪرڻ بعد واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو.