لاھور (عمران شفقت) ھڪ پاسي عمران خان آھي ۽ ٻئي پاسي پورو پاڪستان آهي. پاڪستاني رياست، پاڪستاني فوج، پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني عدليه سياسي ماڻھو ڏکئي وقت ۾ مسئلن جو ويھي حل ڪڍندا آھن ڇو جو ڪنھن سان ذاتي دشمني ناھي ھوندي پر عمران خان سڀني کي پنھنجو دشمن ڪيون ويٺو رھيو. رڳو ان جي ڪري ته فوج سان سندس معاملا طئي ٿي وڃن. پھريون معاملا بگاڙي پوءِ الزام تراشي ڪرڻ. معني مون کي بدمعاش به مڃو ۽ مون کي قبول به ڪريو. مان چار شخصيتن جا نالا ڳڻايا جنرل عاصم منير، جنرل آصف ملڪ، جنرل فيصل نصير ۽ شھباز شريف. پنجون محسن نقوي به شامل ڪريو. نوازشريف جو مطالبو ھيو ته ھن کي توھان ئي آندو ھن تحفي کي توھان ئي ھاڻي واپس موڪليو. سو تحريڪ انصاف محسن نقوي جي ڄار ۾ ڦاسي پئي ۽ غلطي ڪري وڌائين. ھن بحراني صورتحال دوران سڀ کان پرسڪون نوازشريف رھيو جيڪو مري ۾ موجود ھيو جو کيس پڪ ھئي جيڪي ٺاھي سگھن ٿا اھي ھن کي ڊاھي به سگھن ٿا. سو معاملو جيڪڏهن مينيج ٿيڻ جوڳو نه ھجي ھا رياست علي امين کي گرفتار ڪري وٺي ھا وري بشريٰ بي بي جي ضمانت ٿيڻ جنھن لاءِ ھاڻي پي ٽي آءِ مان آواز اٿي رھيا آھن ايستائين جو ڳائڻو سلمان ۽ عمران خان جي ڀيڻ چون ٿا ته ھي پلانٽڊ عورت آھي. منھنجي جنھن سان به ڳالھ ٿي آھي ايتري تائين جو عدليه اندر به جيڪي عمران لاءِ مغالطي جو شڪار آھن ته اھو ته عظيم ماڻھو آھي اھي سمجھن ٿا ته بشريٰ بي بي غلط ڪم ڪيو آھي يا ڊسپلنڊ فوج اندر جيڪي ماڻھو عمران خان کي بھتر ماڻھو سمجھن ٿا اھي سڀ بشريٰ بي بي کي خرابي سمجھن ٿا. ڇو جو سندن چوڻ مطابق ھر ٺيڪي لين دين ۾ بشريٰ بي بي جو ڪردار سامھون آيو ايتري تائين جو جڏھن جنرل عاصم منير ڊي جي آئي ايس آءِ ھيو ته اھو به عمران خان کي سٺو ماڻھو سمجھندو ھيو ۽ بشريٰ بي بي جي باري ۾ کيس خبردار ڪرڻ ويو ھيو. پر جڏھن عمران خان جو ري ايڪشن آيو ته کيس ڳالھ سمجھ اچي وئي آھي. ھاڻي ھڪ نئين ڳالهه انھن ماڻھن شروع ڪئي آھي 26 نومبر کان پوءِ ته سڀ برائي بشريٰ بي بي جي ڪري ٿي آهي. سلمان احمد چوي ٿو ته روبينا خان بشريٰ بي بي جي چھري مٿان پردو ھٽايو آھي. اجلاسن جون به اندر جون خبرون اچي رھيون آھن جنھن ۾ تلخ ڪلامي ٿي آھي ايستائين جو سلمان اڪرم راجا کي ھن بيغيرت بيشرم چيو ۽ اھو به ڪھڙو منھن کڻي عمران خان وٽ ويندين. بشريٰ بي بي کي به ھن سڌيون ٻڌايون . بشريٰ بي بي ۽ علي امين کي اھڙي طريقي سان استعمال ڪيو ويو جو کين خبر ئي نه پئي.