اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ روبينا خان چيو ته بشريٰ بي بي جو سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. پنجاب ۾ عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي ذريعي نظام کي هلائڻ سڀني سامهون آهي، مشعال يوسفزئي کي بشريٰ بيبي جي نئين فرح گوگي چيو پيو وڃي. هن چيو ته جيل ۾ هوندي به بشريٰ بيبي مبينا طور تي مشعال يوسفزئي ذريعي سياست ڪندي رهي، هو فيصلا ۽ مقرريون ڪرڻ ۾ شامل رهي، مارچ دوران علي امين گنڊاپور سان اعلان ۽ خطاب ڪندي رهي. هن چيو ته عمران خان جون ڀينرون سياست ۾ نه رهيون، سندن سياست۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي. ڀينرن کي حڪومتي عهدي ذريعي مال ڪمائڻ جي خواهش ناهي.