اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا بشرا بي بي کي عمران خان جي جان لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان عمران خان جي زندگي تي تمام گهڻو پريشان آهيان، سندس جان کي خطرو آهي، جيڪڏهن عمران خان کي بچائڻو آهي ته بشرا بي بي مان جان ڇڏرائڻي پوندي، جيستائين بشرا بي بي عمران خان سان گڏ آهي نه ته سياست ٿيندي ۽ نه ئي آزادي، بشرا بي بي ڪڏهن عمران خان کي ڏهي کارائيندي آهي ته ڪڏهن ٻي ڪا شئي، هي ماڻهو پي ٽي آءِ باني جي لاش تي سياست ڪرڻ چاهين ٿا.