مولانا فضل الرحمان ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي مخالفت ڪري ڇڏي

رحيم يار خان (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڊي چوڪ تي تمام غلط ٿيو، پي ٽي آءِ کي  به پنهنجي طور طريقي تي غور ڪرڻو پوندو، هو خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي حمايت نه ٿو ڪري، ملڪ ۾ انارڪي ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، گورنر راڄ جمهوريت جي نفي آهي، آئين ۾ گنجائش آهي ته اڻٽر حالتن ۾ لڳائي سگهجي ٿو، رحيم يار خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين قوم کي صحيح رخ ڏانهن موڙي سگهون، جلسي ۽ احتجاج کي مان پنهنجو ۽ ٻين جو حق سمجهان ٿو، هن چيو ته ڊي چوڪ تي جيڪو ٿيو اهو غلط آهي، ڪارڪن مخلص ۽ قيادت جي هدايتن تي عمل ڪندو آهي، فضل الرحمان چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي دور ۾ وڏو احتجاجي مارچ ڪيو، ان احتجاج ۾ ڪو به ٿلهو نه ٽٽو، نه وري ڪو نقصان ٿيو. اسان هميشه صحافت جي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي، صحافين کي به وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ گهرجي، هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون حالتون بهتر نه آهن ۽ ٻنهي صوبن جون حڪومتون امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قدم نه کڻي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.