ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان ڪنهن به فورم تي سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائڻ کان نٿا ڊڄو، اسلام آباد ۾ هڪ مخصوص جماعت جو احتجاج مشڪرن جو سرڪس هو تنهن هوندي به پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به سياسي جماعت تي پابندي جي خلاف آهي. سنڌ جي وڏي وزير واضح ڪيو ته احتجاج وسيلي ڪنهن به شخص جي آزادي جو مطالبو بنيادي طور تي غلط آهي. اھڙيون ڳالھيون ھن ڪراچي ۾صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ٽي آءِ جي احتجاج کي مشڪرن جو تماشو قرار ڏيندي چيو ته ڪنهن به شخص جي آزاديءَ جو مطالبو بنيادي طور گمراهه آهي. ڪنهن به شخص جي آزادي عدالتن وسيلي ئي ممڪن آهي. مراد علي شاهه چيو ته خير پختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ آسان نه هوندو. پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سنڌ ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه اجلاس ۾ دير ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ آئيني مطالبو آهي، 9 مهينن کان اجلاس ناهي ٿيو، اهو رڳو اسان جو نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي. سنڌ جي وڏي وزير واضح ڪيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانسواءِ پاڻي جو مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن وقت ڪوبه ڪينال تعمير نه پيو ٿئي. هن سنڌ جي پاڻي جي حوالي سان صوبائي حڪومت جي موقف کي ورجايو. هن چيو ته سنڌ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کي نه ڏينداسين. اسان ڪنهن کي به پنهنجن حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن جا حق کسڻ ڏينداسين. سنڌ جي وڏي وزير ياد ڏياريو ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي احتجاج ڪيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم جي تعمير خلاف ڪمون شهيد ۾ ڌرڻو هنيو هو. هن چيو ته جيڪي هن وقت گوڙ ڪري رهيا آهن اهي ڪالاباغ ڊيم تي بحث دوران پنهنجون سيٽون ڇڏي ويا هئا. سياسي پارٽين جي تنقيد جو جواب ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته جي يو آءِ ف ڪانفرنس ۾ ڪجهه سياسي پارٽين رڳو ان ڪري شرڪت نه ڪئي جو پيپلز پارٽي شرڪت ڪري رهي هئي، مطلب ته هنن جو مسئلو رڳو پيپلز پارٽي سان آهي. ٻئي طرف پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مان پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي نه ٿو سمجهان، پر پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي بڻجڻو پوندو، ڪي پي ڪي ۾ حالتون خراب آهن پر پي ٽي آءِ رڳو اسلام آباد تي حملا ڪرڻ ۾ مصروف آهي.