ايس ٽي پي پاران عوامي آوازجي ”ڀوتارڪو نظام نامنظور“ تحت ثقافتي ڏهاڙي جي آجيان

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سرداري نظام نامنظور نعري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي ڀرپور حمايت ڪندي گڏجي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سرداري ۽ ڀوتارڪو نظام نامنظور اسان جي دل جو نعرو آهي عوامي آواز ميڊيا گروپ کي جس هجي جنهن ڪروڙين ماڻهن جي ترجماني ڪندي اهڙو عنوان چونڊيو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر قتل و غارت، اغوا، ڦرون ۽ سموري مار ڌاڙ سرداري نظام جي پاڇي هيٺ ٿي رهي آهي سردارن پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ سان سموري سنڌ کي سوڙهو ۽ مفلوج ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايس ٽي پي سرداري ظلم خلاف 30 سالن کان جدوجهد پئي ڪري هاڻ وقت جي ضرورت آهي ته سرداري نظام خلاف ٻاهر مڪمل بيزاري جو اعلان ڪريون. اهڙن خيالن جو اظهار ڊسٽرڪٽ ايسٽ پريس ڪلب ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. هن وڌيڪ  چيو ته  سنڌو درياء 6 ڪروڙ سنڌي ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي جنھن تي ڌاڙو ھڻڻ کي ڪڏھن بـ قبول نٿو ڪري سگھجي.. ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ پاڻي زندگي جو بنيادي جز آھي انسان جي جيئڻ پيڻ لاء زمينن لاء پاڻي جيڪڏھن پاڻي نـ ھجي تـ ماڻھن جو جياپو مشڪل بڻجي ويندو. 8 ڊسمبر تي ڪراچي گورنر ھائوس اڳيان ڦوھاڙا چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو جنھن ۾ سنڌ جا ماڻھو وڌ کان وڌ شرڪت ڪن. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تـ ثقافتي ڏينھن سنڌ جو قومي ڏينھن ٿي ويو آھي جنھن کي سنڌ سميت دنيا اندر سنڌي ماڻھو ملھائي رھيا آھن. ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومرو, ڏاڏو عمراڻي, رجب مگسي, عاشق ٿھيم, غلام علي بليدي,اظھر ڀٽو , علي بخش لاشاري, رمضان گبول ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.