حيدرآباد( رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جمهوريت جي خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪندي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم ۽ چولستان ڪئنال سميت 6 ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻيءَ جي 1991ع پاڻي واري معاهدي تي عمل ڪري صوبن وچ ۾ پاڻي تڪرار جي حل لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس گهرايو وڃي. اهڙو مطالبو جمعي ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ پاران حيدرآباد جي سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ڪانفرنس روم ۾ “پاڪستان پيپلز پارٽي تاريخ جي آئيني ۾” جي عنوان تحت ڪوٺايل سيمينار ۾ قراردادون منظور ڪندي پيپلز پارٽي اڳواڻن پاران ڪيو ويو آهي. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي جي بنا زندگي ناهي. پيپلز پارٽيءَ ماضيءَ ۾ به عوام جي طاقت سان ڪالاباغ ڊيم بڻجڻ نه ڏنو ۽ هاڻي به سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڻيءَ تي پهريون حق پڇڙي وارن جو آهي ۽ سنڌ پڇڙيءَ وارو صوبو ۽ صوبن جي رضامنديءَ جي بغير ڪو به منصوبو نه ٺهڻ گهرجي. نثار کهڙو چيو ته آئيني بئنچ ۾ ججن جو تعداد صوبن مان برابريءَ جي بنياد تي هوندو ته شفاف انصاف فراهم ٿي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ڪيترو عرصو آئين جي بغير هلايو ويو ۽ لياقت علي خان جو قتل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڪمزوري سياسي حڪومتون سازشن جو شڪار رهيون ۽ ملڪ ۾ ڪجهه قوتون نه پيون چاهن ته قيادتون اڀري سگهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ هڪ ته پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ عوام جي مرضيءَ شامل نه ڪئي ويندي هئي ۽ عوام کي ووٽ ڏيڻ جو حق به هوندو هيو. اِهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هيو جنهن ون مين ون ووٽ جو عوام کي حق ڏياريو ۽ هر شهري کي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏياري پاڪستاني هجڻ جو سڃاڻپ ڏياري. ماضيءَ ۾ مسلم ليگ 6 حصن تي ورهايل هئي. ايوب خان کان وٺي سڀني آمريتن جي دور ۾ آئين کي ٽوڙيو ويو. رياست ۽ عوام وچ ۾ جيڪو معاهدو آئين آهي اُهو آئين وڏو عرصو ملڪ ۾ نه رهيو. هن چيو ته عوامي سياست ڪندڙ صرف 2 ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مجيب الرحمان هئا. شهيد ڀٽو هارين ۽ مزدورن کي مضبوط ڪيو جيڪي ملڪ تي قابض 40 وڏين خاندانن جي خلاف هيا ۽ هاري جيڪي پسماندگي جي زندگي گذاري رهيا هئا انهن لاءِ زرعي سڌارا آندا ۽ پنهنجون زمينون پڻ هارين ۾ ورهايون ۽ هارين کي پنهنجي زمينن جو مالڪ بڻايو جنهن سان هارين جي زندگي بهتر ٿي. ان سان گڏوگڏ شهيد ڀٽو وڏين صنعتن کي نيشنلائيز ڪيو. شاگرد يونين ٺاهي ۽ هاڻي جيڪي به جماعتون آهن اُهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪاپي ڪري ٺاهيون ويون آهن. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کان وٺي ڪارڪنن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ پيپلز پارٽي اڄ به عوام لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ آهي ته جيئن عوام کي حق ملي سگهن.. سيد قائم علي شاهه چيو ته آئين ملڪ لاءِ آهي صرف پيپلز پارٽيءَ لاءِ ناهي ۽ پي ٽي آءِ جي ماضيءَ جي حڪومت جي بدعنوانين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي خراب صورتحال رهي. ان موقعي تي اڳوڻي سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي ٺهي ته صرف 2 سياسي جماعتون جماعت اسلامي ۽ نيشنل عوامي پارٽي هئي ۽ سنڌ ۾ ته ننڍا ننڍا گروپ هئا پر آمريت جي دور ۾ سازشن باوجود پيپلز پارٽي قائم آهي. پيپلز پارٽيءَ جو مقصد صرف اليڪشن کٽڻ ناهي پر عوام جي زندگي بهتر ڪرڻ آهي. شهيد ڀٽو جو قتل هڪ نظام ڪيو ان لاءِ اسان کي اُهو نظام تبديل ڪرڻو آهي. اڄ جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي اسين اهڙي سياسي نه ٿا چاهيون. مولابخش چانڊيو چيو ته نواز شريف پاڪستان لاءِ جان ڏيڻ نه ٿو چاهي پر ملڪ جي جان وٺڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته نواز شريف جي ذهن ۾ پاڪستان جي سياست نه پر علائقائي سياست آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو ويندو ته سنڌ خاموش نه رهندي ۽ سنڌ پنهنجي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي. هن چيو ته صرف هڪ صوبو پاڪستان ناهي توهان صرف هڪ صوبي کي پاڪستان سمجهو ٿا هاڻي ائين نه هلندو. قرارداد ۾ پيپلز پارٽيءَ جي 57 هين يوم تاسيس جي موقعي تي شهيد ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد بيگم نصرت ڀٽو سميت جمهوريت جي ٻين شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداريءَ جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. قرارداد منظور ڪندي اِهو پڻ چيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ چولستان ڪئنال سميت 6 ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪري ٿي .