ڪراچي (رپورٽر) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته يومِ تاسيس جي موقعي تي پيپلز پارٽي جي غير متزلزل قيادت، سڀني ڪارڪنن ۽ حامين کي سلام پيش ڪريون ٿا. پيپلز پارٽي وٽ قربانين، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي اها تاريخ آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي جماعت وٽ نه آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽمي طاقت، طبي سهولتون، تعليمي ادارا، هارين ۽ مزدورن لاءِ پاليسيون ڏنيون. شهيد بينظير ڀٽو عورتن سميت هر طبقي لاءِ اهي سڀ ڪم ڪيا، جيڪي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن نه ڪيا. فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشن، بيسڪ هيلٿ يونٽس ۽ بنيادي تعليم جا منصوبا شهيد بي بي ڏنا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ۽ "آغازِ حقوق بلوچستان” منصوبي جي شروعات ڪئي. پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا. جڏهن عمران خان ۽ ان جو ٽولو ملڪ کي مشڪل حالتن ۾ ڇڏي ويو، تڏهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو نالو ايف اي ٽي ايف جي لسٽ مان ڪڍرايو. پرڏيهي وزير جي حيثيت سان بلاول ڀٽو زرداري سڄي دنيا کي پيغام ڏنو ته اسان کي "ڪلائميٽ جسٽس” ملڻ گهرجي. هن وقت به پيپلز پارٽي 21 لک خاندانن لاءِ گهر ٺاهي رهي آهي، جيڪو عوامي جماعت هجڻ جو ثبوت آهي. صدر آصف علي زرداري 18هين ترميم جو تحفو ڏنو، ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو واحد اڳواڻ آهي، جيڪو "ڪلائميٽ جسٽس” جو مطالبو ڪري ٿو. پيپلز پارٽي جي عوامي جماعت هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته جيالا جيل ۾ به ويهي وڏا بت ڊاهي سگهن ٿا. يومِ تاسيس جي موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ ذريعي مختلف هنڌن تي ٿيندڙ تقريبن کي خطاب ڪندا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۽ صدر آصف علي زرداري جي رهنمائي ۾ حڪومتِ سنڌ ڪيترائي عوام دوست منصوبا شروع ڪيا. پيپلز پارٽي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ هڪ ترقي يافته سنڌ ۽ پاڪستان جي تعمير لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.