پشاور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران مرڪزي قيادت جي غائب ٿيڻ تي سوال اٿاريندي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ويو، ميمبرن سوال ڪيو ته ڊي چوڪ تي احتجاج دوران مرڪزي قيادت ڪٿي ۽ ڇو غير حاضر هئي؟ اجلاس ۾ گرفتار ۽ گم ٿيل ڪارڪنن لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون ۽ قانوني ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته ڊي چوڪ تان سڀني کان آخر ۾ نڪتو هئس، اسان جي پهرين ترجيح بشرا بي بي کي بچائڻ هئي، جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿئي ها ته اسان لاءِ شرم جوڳي ڳالهه هجي ها، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني عمران خان حڪم ڏنو ته وڏوزارت ڇا، اسيمبلي ميمبرشپ به ڇڏي ڏيندس.