ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اينٽي ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي ٻن جوابدارن کان جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي ڇڏي. گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (اي سي ايس) محمد اقبال ميمڻ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) سي ٽي ڊي جي درخواست تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي، جي آءِ ٽي جوابدارن محمد جاويد ۽ مس گل نسا کان جاچ ڪندي. جي آءِ ٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ڪندو ۽ ان ۾ ڳجهن ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ عملدار شامل هوندا، جي آءِ ٽي کي 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.