نصيرآباد(رپورٽ:بشيراحمد بروهي) نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو, ايڊووڪيٽ مير کوسو, علي اڪبر خاصخيلي, عنايت تنيو, ضمير مغيري, اسد سنڌي, ڪاڪا بروھي, علي گوھر جتوئي, انعام الله ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ سينيما چونڪ کان فاضل راھو چونڪ تائين سنڌ دشمن رٿا سنڌو مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي مظھر راھوجو چيو تـ جيڪڏھن سنڌي ماڻھن اک نـ کولي تـ سڄي سنڌ بنجر ٿي ويندي اسان ووٽ وٺڻ ناھيون نڪتا پر سنڌ بچائڻ آيا آھيون ان ڪري سنڌي ماڻھون سجاڳ ٿيو پاڻي لاء نڪرو اسان دانھون سنڌ جي ٻچن لاء ٿا ڪريون. . مير کوسو چيو تـ جڏھن بـ ڌرياء تي ڌاڙو لڳو آ ۽ درياء سڏ ڪيو آ تـ ڪالاباغ ڊيم ٿو ٺھي تـ رسول بخش پليجو ۽ سندس فڪري شاگرد ميدان ۾ رھيا آھن ۽ ميدان ملھائي ڪالاباغ ڊيم رٿا ناڪام بڻائي آھي. هاڻ به ڪنھن بـ صورت ۾ ڪئنال ٺھڻ ڪونـ ڏينداسين. اڪبر خاصخيلي چيو تـ قومي عوامي تحريڪ ضلعو قمبرشھدادڪوٽ جدوجھد جي ميدان ۾ تيار آھيئ. درياء ھزارين سالن جو تاريخو ورثو آھي غدارن چند سالن جي اقتداري لالچ ۾ سنڌ جو سودو ڪيو آھي سنڌو تي ڪوبـ ڪينال منظور ناھي.