ماتلي جي يوسي ٻڍو قمبراڻي کي شاگردن ۽ شاگريادڻين جي تڪليف جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

ڪجهه ڏينهن اڳ روزاني عوامي آواز  ۾ هڪ خاص رپورٽ شايع ٿي آهي ۽ ٽيون ان تي چمبڙ جي تعلقه رپورٽر ثوبيا کوسو رپورٽر ڊائري به لکي آهي ته ماتلي جي يوسي ٻڍو قمبراڻي جي هاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي جي ڪجهه شاگردن ۽ شاگردياڻين کي والدين ڪلهن تي کڻي  اسڪول پهچائيندا به آهن ۽ واپسي تي به ائين ئي وٺي ايندا آهن. ان واهه کي نصير ڪئنال چيو وڃي ٿو. ان تڪليف سبب يعني اسڪول وڃڻ جو رستو نه هئڻ ڪري 30 کان 40 ٻارڙا اسڪول ناهن ويندا. عوامي آواز جي ان رپورٽ کي سوشل ميڊيا تي به  لکين ماڻهن ڏٺو آهي پر رپورٽن موجب اڃان تائين چونڊيل نمائندن ان جو ڪو  نوٽيس ناهي ورتو. جڏهن ته ان تڪليف جو شڪار شاگردن ۽ شاگردياڻين عوامي آواز جي رپورٽرن سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو آهي ته ان نصير ڪئنال مٿان بنا ڪنهن لوهي پل قائم ڪرائي وڃي ته جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻيون بنا ڪنهن تڪليف جي اسڪول وڃي ۽ موٽي سگهن.

اها به حقيقت آهي ته هي ڪم ڪو وڏي بجيٽ وارو ناهي. معمولي بجيٽ سان هڪ ننڍڙي لوهي پل قائم ٿي سگهي ٿي پر ڳالهه آهي حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جي نيت، سنجيدگي ۽ اوليت جي. تعليم، صحت ۽ گڊ گورننس اصل ۾ حڪومت جي ترجيح ناهي رهي جيڪو ئي مجموعي طور تي سنڌ جو الميو آهي. اقتداري جماعتون جيڪي عوام جي خدمت جو مشن کڻي بظاهر چونڊن ۾ پنهنجا اميدوار لاهينديون آهن تن سياست کي اصل ۾ ڪمائڻ جو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. چونڊجڻ کانپوءِ انهن جو اولين مقصد اهو هوندو آهي ته چونڊن تي جيڪا سيڙپ ڪئي سا ايم پي اي ۽ ايم اين اي طور نفعي سميت وصول ڪجي. پوءِ اهي چونڊيل نمائندا ان ئي چڪر ۾ هوندا آهن. عوام جي خدمت وارو معاملو پس پرده ٿي ويندو آهي. سو ٿيڻ ائين گهرجي ته اقتداري جماعتون اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏين جيڪي واقعي به عوام جي خدمت جو سوچيندڙ هجن. باقي جيستائين ڪاروبار ۽ پيسا ڪمائڻ جو تعلق آهي ته اهو الڳ معاملو آهي. اهڙن ماڻهن کي پوءِ سياست ۽ حڪومتن جورخ نه ڪرڻ گهرجي. وري جڏهن ڪا جماعت حڪومت ۾ اچي ٿي ۽ ڪابينا جوڙي ٿي ته ان وقت به ميرٽ تي وزارتون نه ٿيون ورهايون وڃن جنهن ڪري گڊ گورننس قائم نه ٿي ٿئي. وزارتن جي ورهاست ۾ ان وزارت جي شعبي سان سلهاڙيل ماهر ماڻهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي جن وٽ ان شعبي جو ڪو ويزن هجي.

اسان هتي ڪيترائي ڀيرا اهو لکيو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي جنهن به جاءِ تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي يا ڪو عهدو ملي ته جيڪي اهو ماڻهو اهو احساس رکندو هجي ته ان کي اصل ۾ اصل ۾ کيس اهو موقعو تاريخ ڏنو آهي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري اهو پنهنجي تاريخ ٺاهي پر افسوس ته اسان وٽ ان احساس وچان ڪم ناهي ڪيو ويندو. جڏهن ته اسان جي سماج اندر ڪم جي گنجائش آهي ئي آهي پر الميو اهو آهي ته هتي ڪک ڀڃڻ لاءِ به ڪير تيار ناهي.

جيڪڏهن هر ماڻهو ننڍي کان ننڍي سطح کان سنجيدگي سان ڪم ڪري مثال جيئن هتي ماتلي جي يوسي ٻڍو قمبراڻي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ته ان يوسي جو چيئرمين به پنهنجي حصي جو تاريخي ڪم ڪري سگهي ٿو، ان کي تاريخ اهو موقعو ڏنو آهي پر شايد سوچ ۽ سمجهه جو فقدان آهي. جيڪڏهن عوامي آواز ميڊيا گروپ کي ماتلي جي يوسي ٻڍو قمبراڻي جي هاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي جي شاگردن ۽ شاگرياڻين جي تڪليف جو اونو آهي ۽ اداري پنهنجي ٽيم کي صبح سوير ان واهه تي موڪلي رپورٽ  ورتي آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ماتلي جي يوسي ٻڍو قمبراڻي جي چيئرمين کي ان جو اونو ڇو نٿو ٿئي ته اسان جي يوسي جي شاگردن ۽ شاگريادڻين کي تڪليف آهي ۽ تعليم لاءِ سندن والدين کين ڪلهي تي کڻي اسڪول پهچائين ٿا.

سو اصل ڳالهه سمجهه ۽ اوليت جي آهي. عوامي آواز ميڊيا گروپ کي ان صورتحال جي نزاڪت جو جيڪو احساس ٿيو سو سنڌ جي چونڊيل نمائندن ۽ مقامي انتظاميا کي به ٿيڻ گهرجي جن جو سڌو سنئون تعلق سنڌ جي  شهرن، ڳوٺن ۽ عوام سان هجي ٿو. عوامي آواز ميڊيا گروپ عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ وارن معاملن، تعليم ۽ صحت، انساني حقن، امن لاقانونيت  کي انتهائي سنجيدگي مان وٺندو آهي ۽ اها ڪوشش ڪندو آهي ته اهو شعور سنڌي سماج ڏانهن منتقل ڪري . عوامي آواز ميِڊيا گروپ کي جڏهن خبر پئي ته ماتلي جي يوسي ٻڍو قمبراڻي جي هاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي جي ڪجهه شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سندن والدين ڪلهن تي چاڙهي نصير واهه مان ٽپي اسڪول پهچائيندا آهن ته اداري جون ننڊون ڦٽِي ويون ۽ جڏهن عوامي آواز پنهنجي رپورٽن جي ٽيم کي ان علائقي ۾ موڪليو ته کين موبائيلن تي اهڙا ميسيج موڪليا ويا ته ڳوٺاڻن کي ڪابه تڪليف ناهي جڏهن ته عوامي آواز جي رپورٽرن فوٽو ۽ ٽي وي رپورٽ ذريعي واضح طور ڏيکاريو ته والدين ڪيئن پنهنجي ٻارن کي ڪلهن تي کڻي اسڪول پهچائين ٿا. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته مقامي انتظاميا عوامي آواز ميڊيا گروپ جو ٿورو مڃي ها ته ان هڪ اهم  مسئلي جي نشاندهي ڪري اسان جو ايڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي پر الٽو ان جي رپورٽنگ ٽيم کي به گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.اسان جو خيال آهي ته هاڻي ضد ۽ انا جو مسئلو بڻائڻ بدران بدين ضلعي ۽ تعلقي جي انتظاميا لاڳاپيل يوسي کي رهواسين ۽ خاص ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تڪليف جو اونو رکندي نصير واهه مٿان هڪ لوهي پل ٺاهرائي ڏي ته جيئن سندن ضلعي، تعلقي ۽ يوسي جو عوام تڪليف کان بچي پوي، اميد ته بدين جي ضلعي انتظاميا ان معاملي کي ايڏو ئي سنجيده وٺي ان جو ايڏو ئي اونو ڏيکاريندي جيڏو عوامي آواز ميڊيا گروپ ان معاملي تي ڏيکاريو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.